ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن  ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن، سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 76567 خاندانن ۾ راشن بيگ، 35000 جيري ڪين ۽ 9000 مال  جون مڇر داڻيون ورهايون ويون آهن. صوبائي وزير چيو ته متاثرن کي 626514 خيما، 541542 ترپال، 3282337 مڇردانيون، 803811 لٽر منرل واٽر، 107975 جيري ڪين، 173623 پڪل کاڌي جو ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 195252 متاثر موجود آهن، جن ۾ 41218 ٻار ۽ 38556 عورتون شامل آهن.