ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نجي اسڪول جي انتظاميه في ادا نه ڪرڻ تان شاگردياڻي کي سزا طور 15 منٽ ڪلاس کان ٻاهر بيهاري ڇڏيو، تعليم کاتي جي ٽيم والدين جي شڪايتن تي نجي اسڪول جو دورو ڪري اسڪول انتظاميه کي مڪمل رڪارڊ سان گڏ ڊائريڪٽوريٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين شاگردياڻي کان في به نه وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي، ذريعن موجب نارٿ ناظم آباد جي نجي اسڪول جي انتظاميه پاران ٻارڙي کي في ادا نه ڪرڻ تان سزا طور 15 منٽ ڪلاس کان ٻاهر بيهارڻ بابت  والدين جي شڪايت تي تعليم کاتي جي ٽيم پاران نجي اسڪول جو دورو ڪيو ، ٽيم پاران اسڪول انتظاميه کان واقعي متعلق ڄاڻ ورتي وئي، اسڪول انتظاميه جو چوڻ هو ته  ٻارڙي 2019 ۾ داخل ٿي، اڄ  ڏينھن  تائين  في ادا ناهي ڪئي، في نه ملڻ تان استاد ٻارڙي کي 15 منٽ ڪلاس کان ٻاهران بيھاري ڇڏيو. تعليم کاتي جي ٽيم اسڪول انتظاميا کي مڪمل رڪارڊ سان گڏ ڊائريڪٽوريٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين شاگردياڻي کان في نه وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،