ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ناگن چورنگي ۾ ۾ ڦورن کان پاڻ بچائيندڙ واپاري حادثي ۾ فوت: شهري حنيف جي3 لک  رقم واٽهڙو کڻي ويا، پوليس موجب حنيف پنهنجي دوست احمد سان گڏ بينڪ مان 10 لک رپيا کڻي اچي رهيو هو ته کين شڪ ٿيو ته 2 موٽرسائيڪلن تي شڪي ماڻهو سندس پيڇو ڪري رهيا آهن. پوليس موجب خوف وچان حنيف موٽرسائيڪل جي رفتار وڌائي ڇڏي، موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ  ڪري حنيف فوٽ پاٿ سان ٽڪرائجي فو ت ٿي ويو،حادثي وقت سندس رقم روڊ تي ڪِري پئي، ان مان 3 لک رپيا ڪو واٽهڙو کڻي ويو آهي.