ٺٽو (رپورٽر ) برني ويلفيئر ٽرسٽ جي باني ۽ انساني حقن واري تنظيم جي اڳواڻن انصار برني، نجمه ۽ ٻين ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھندستان ۾ قيدي ماھيگير سخت ڏکيائين کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھنن ٻڌايو ته ٺٽي سان تعلق رکندڙ مسمات راڻيءَ جو نوجوان پٽ يوسف جاکرو گذريل 10 سالن کان ھندستان جي مختلف جيلن ۾ قيد آھي. سندس امڙ روئي روئي بيحال بڻجي اکين جو نور ئي وڃائي ويٺي آھي. ان کان علاوه جاتي، شاھبندر، ڪيٽي بندر ۽ ٻين شھرن جا 150 کان مٿي ماھيگير ڀارتي جيلن ۾ قيد آھن، جن کي خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو وڃي.