ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 22 ورهين جو جوهي واسي نوجوان عمران علي لنڊ مارجي ويو آهي، نوجوان جي لاش کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڪوٽڙي اسپتال منتقل ڪيو. اسپتال ۾ موجود فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان جوهي جو رھواسي آھي ۽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ ھو جنهن کي ذاتي دشمني جي بنياد تي دوکو ڏئي فون تي گھرائي بعد ۾ گوليون ھڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي پوليس موجب لاش خدا جي بستي جي مين روڊ تان لاوارث حالت ۾ مليو آهي جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي، وارثن ڪي بيانن جي آڌار تي معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن قتل ٿيل نوجوان عمران لنڊ جو لاش جوهي جي ڳوٺ جعفر لنڊ ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. مڙهه کي جنازي نماز بعد ڳوٺ ميوو لنڊ ڀرسان پير پسايا قبرستان ۾ دفنايو ويو. مقتول جي وارثن ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته عمران جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.