ميھڙ (ن پ ا) پ پ پ ايم پي اي نواب برھان خان چانڊيو ميھڙ پھتو، جتي نيازل خان جانوري ۽ شير افضل، وقار خان جانوري جي رھائشگاھ تي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ پ سنڌ جا ٻيٽ وفاق حوالي ناهن ڪيا، پنھنجا اختيار وفاق جي حوالي ڪرڻ واري ڳالھه غلط آھي سنڌ اسيمبلي اھڙي ڪا به قراداد پاس نه ڪئي آھي نه ڪندي نه ئي وري نوان صوبا ٺھندا سنڌ اسان  جي ماءُ آھي ان کي ورھائڻ جو سوچي نه ٿا سگھون. 18 هين ترميم صوبن کي تحفو آھي. ھن چيو ته ميھڙ ۾ چونڊيل نمائندن جي عوام سان رابطي واري تار ٽٽي پئي ھئي، جيڪا ٻيھر جوڙڻ آيو آھيان، غلطيون ٿينديون آھن اسان ان جو ازالو ڪنداسين ميھڙ تڪ تي بيھڻ ۽ ٽڪيٽ بابت فيصلو پارٽي ڪندي. ھن چيو ته ام رباب چانڊيو جا اسان تي الزام آھن اسان 6 سالن ۾ ڪنھن کي هراسان نه ڪيو ته اسان ھاڻي ڪيئن ڪنداسين؟ جيستائين ڪورٽ فيصلو نه ٿي ڪري اسان ڏوھي ناھيون، ميھڙ ۾ منھنجي زمينداري ۽ گھر آھي ميھڙ ۽ خيرپور ۾ 17 يونين ڪائونسل ۾ منھنجي راڄ جا ماڻھو آھن ۽ ان کان علاوہ اسان سان سموريون برادريون گڏ آھن. ھن چيو ته ڪوشش ھوندي ته دادو لاء ضلعي چيئرمين ميھڙ مان ٿئي ان کان اڳ برھان چانڊيو ميھڙ ۾ تمندار محمد حنيف چانڊيو، ڏاڏو غلام رسول چانڊيو سان ويجھي عزيز شفيع محمد چانڊيو جي انتقال تي تعزيت ڪئي. ساڻس گڏ پ پ اڳواڻ سردار اعجاز خان سھول، شير محمد چانڊيو، ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، راشد ممتاز سوڍر، رئيس قربان چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻ ھئا.