ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ليبر کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان کي ڪراچي مڪاني چونڊ ۾ جماعت اسلامي جي ٻيهر ڳڻپ واري درخواست تي ڪو اعتراض ناهي پر اسان جو مطالبو آهي ته  اسان جي اميدوارن جي ٻيهر ڳڻپ وارين درخواستن کي به ٻڌو وڃي.   اڄ تائين ڪراچي جي ڪنهن به يوسي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو،  اليڪشن ڪميشن ميئر جي چونڊ کان اڳ ڪي ايم سي جي رهجي ويل 11  يوسيز تي چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي،  ، اها ڳالهه درست ناهي. هي اهڙو پيندورا باڪس هوندو جيڪو ايندڙ وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ جي چونڊن لاءِ به مشڪلاتن جو سبب بڻجندو. . اسان جو موقف واضح آهي ته جيڪي چونڊون ٿيون آهن،  انهن جي نتيجن آڌار مخصوص سيٽن  جو فيصلو ڪري   ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ ٿيڻ گهرجي، اسان اڄ به چئون ٿا ته موجوده نتيجن آڌار ميئر پيپلز پارٽي جو ئي هوندو،  پيپلز پارٽي ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 9 تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي ، ڪالهه بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته متحده جو اڳوڻو ايم اين اي خواجا سهيل منصور ۽ ڪراچي جي واپاري برادري سان تعلق رکندڙ فيضان راوت پ پ ۾ شامل ٿيا آهن، اهي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان سان گڏ ڪم ڪندا. سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست ڪئي، اليڪشن ڪميشن جڏهن جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اسان جي وڪيل اسان کي درخواستون جمع ڪرڻ جي صلاح ڏني. جماعت اسلامي جو هڪ اميدوار به اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه ويو پر هڪ ئي شخص 6 يو سيز جون درخواستون ڏنيون، ٽن يو سيز جو ڪيس مختلف آهي، اتان فارم 11 موجب جماعت اسلامي کٽي آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي اميدوارن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي وڃي، هن چيو ته ڏٺو وڃي ته 2002ع کانپوءِ ٿيل سمورين چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي ڪيترا ووٽ مليا آهن ؟ انهن کي 86 سيٽون ملڻ تي ڪو به حيران ناهي پر پيپلز پارٽي جي فتح تي سڀ حيران آهن. جيڪڏهن جماعت اسلامي هڪ آر او تحت 3 يوسيون کٽي ته ڪو مسئلو ناهي پر پ پ رڳو هڪ سيٽ کٽي ته حيرت جي ڳالهه ڇو آهي؟  مون پنهنجي سموري سياسي زندگي ۾  اهڙي پرامن اليڪشن ناهي ڏٺي، جنهن  ۾ هڪ به گولي هلائي ناهي وئي،  هن چيو ته اڳوڻو صدر پرويز مشرف گذاري ويو آهي، انهي تي بحث ڪرڻ مناسب ناهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ڊي ايس پي کي چماٽ وهائيندڙ عورت کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  پوليس آفيسرن سان جهيڙا ڪرڻ غلط روايت آهي انهن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.