سنڌ سرڪار هٽائي حڪمرانن کي سزائون ڏيو: سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ريلي: جلسو

0
253

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي صوبي ۾ آيل برساتي ٻوڏ جو پ پ ۽ سنڌ حڪومت  کي ذميوار قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت ختم ڪري وزير اعليٰ سنڌ سميت لاڳاپيل ڪامورن تي جنگي ڏوهه تحت ڪيس داخل ڪري کين سزائون ڏئي،  برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ قديم قدرتي لنگھن کي بحال ڪيو وڃي، آبپاشي  کاتي جي ڪرپشن جي  جاچ  لاءِ جوڊيشل ڪميشن ويھاري بندن جي نئين سر مرمت ڪرائي وڃي

ڪالهه سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڪارڪنن ڦوهارا چوڪ کان ريلي ڪڍي، جيڪا پريس ڪلب پهچي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي، جلسي کي خطاب ڪندي ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو ته سنڌ جي نااهل حڪمرانن حڪمت عملي تحت سنڌ کي ٻوڙيو آهي، جنهن خلاف سنڌ واسي ميدان ۾ آهن، اڄوڪي احتجاج کانپوءِ ٻيهر مشاورتي اجلاس ڪوٺائي اڳتي جو لائحه عمل جوڙينداسين، ايس يو پي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته برساتي ٻوڏ دوران ڏيڍ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿي ويا آھن، لکين ايڪڙ زمين اڄ به پاڻي ھيٺ آھي، پ پ سرڪار 15 سالن ۾ کربين رپين جي ڪرپشن ڪئي آهي،  هاڻي وري متاثرين جي بحالي لاءِ امداد وارا فنڊ پڻ پ پ  وارن کي ڏنا پيا وڃن

سنڌ جا ماڻهو پ پ وارن تي بي اعتمادي ڪن ٿا، انھن کي فنڊز ڏيڻ سنڌين سان دشمني آھي ،هن چيو ته آمريڪي صدر بائيڊن چوي ٿو  ته پاڪستان خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آھي، انهي مان اندازو لڳايو ته دنيا اسان کي ڪهڙي نظر سان ڏسي ٿي؟  هن چيو ته ڪراچي ۾ لکين غير قانوني ماڻهو رھن ٿا پر ٻوڏ جي تباهه ڪارين سبب ڪراچي آيل سنڌي اک ۾ کٽڪن پيا، اھو ٻٽو معيار آهي، هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت جو رويو به ٺيڪ ناھي، رياست اسانکي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آھي، اهڙي صورت ۾ سنڌي عوام بغاوت نه ڪندو ته پوءِ ڇا ڪندو؟؟ هن چيو ته جيڪڏهن زمينن مان برساتي پاڻي نه ڪڍيو ويو ته انتشار ٿيندو، هن چيو اسٽيبلشمينٽ جئين 2018 واري اليڪشن ۾ جعلي مينڊيٽ ڏنو آھي، 2023 ع ۾اهڙي  اليڪشن نه ٿيڻ گھرجي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه  اياز لطيف پليجو چيو ته هي اها جديد سنڌ آھي جتي موٽروي تي ماڻهو تڙپي پيا مرن، سنڌ واسي  پنج ايڪڙ زمين تي ماڻهو قتل ڪن ٿا، شاگرد دربدر آهن، ملون بند آهن، بک آهي، فصل ٻڏي ويا آهن، حڪمرانن کي خبر آهي ته سنڌي غيرتي هئا، وڙهندا هئا، هاڻي اهي سنڌي آهن، جيڪي زمين جا پنج ايڪڙ وٺڻ لاءِ مائي کي ڪاري ڪري ماري ٿا ڇڏين،  سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳو ( لوگو) مٽجي ٿو يا ڪنهن ڪمپني پاران  اجرڪ ڪنهن شيءَ تي ڇاپجي ٿي ته غيرت اچي ٿي پر سنڌي نياڻين کي هڪ ھزار رپين لاءِ بينڪن  آڏو پوليس وارا ۽ بينڪ عملو ڌڪا ڏين ٿا، ان وقت غيرت ڇو نٿي اچي؟

اوچو ڳاٽ ڪري هلندڙ سنڌي روزاني ھڪ نئين اشو ۾ الجھيل رھيو آهي، هن چيو ته نواز شريف، شهباز شريف، عمران خان اوهانجو ڪو سنڌ سان تعلق آهي؟ عمران خان ڪراچي ۾ سنڌ لاءِ نه ڳالهايو؟ پي ڊي ايم ۽  قومي ميڊيا جو سنڌ سان ڪو تعلق آهي؟ سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ مطالبو ڪن ٿا ته غير قانوني افغانين سميت سڀني غير قانوني رهندڙن کي پاڪستان ۽ سنڌ مان ٻاھر ڪڍيو وڃي، هن چيو ته سنڌ تحفي ۾ ناھي ملي ۽ نه ئي اسان ڪنهن کان کسي آھي،  اها اسانجو تاريخي وطن آھي، هن چيو ته جيڪي چون ٿا ته اسين پهرين پاڻ متحد ٿيون، آئون انهن کي ٻڌايان ٿو ته سنڌ جي پاڻي، وسيلن ۽ ٻيٽن جي مالڪي،  لاقانونيت  ۽ ڪرپشن خلاف  توڙي جمهوريت لاءِ  اسين سڀ گڏ آھيون، هن چيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد نه ٿي ته اسين ڪو ٻيو لائحه عمل ٺاهي سگهون ٿا جيڪو ٿي سگهي ٿو ته خوشگوار نه به هجي، سنڌين کي  ڀت سان نه لڳايو وڃي،  جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو آهي، پ پ کي 2013ع ۽ 2018ع ۾ عوام رد ڪيو پر هنن کي زبردستي کٽرائي اسان تي مڙهيو ويو آهي، جلسي کي  ايس ٽي پي اڳواڻ  غلام حيدر شاهاڻي خطاب ڪندي چيو ته  سنڌ واسي اڪيلاناهن، اسان سندن بحالي تائين ماٺ ڪري نه ويهنداسين

جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ واسين کي معاشي ۽ عملي طور تي پوئتي  ڌڪيو ويو آهي، ٻوڏ کانپوءِ بک ۽ بدحالي ڪر کنيو  آهي، پ پ  جي وزير ۽ ميمبر  مشڪلاتن  واري گهڙي ۾ اوجهل  رهيا، جلسي کي  نواز شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، جلسي ۾ پاس ڪيل قراردادن ذريعي مطالبو ڪيو ويو ته ٻوڏمتاثر علائقن مان ترت پاڻي ڪڍي، متاثر خاندانن کي نئين سر گھر تعمير ڪرائي، 10 لک معاوضو ڏنو وڃي آبادگارن جا زرعي قرض معاف ڪري، ربيع (چيٽ) جي پوکي لاءِ خاص پيڪيج ڏنو وڃي، سنڌ ۾ ميڊيڪل ايمرجنسي لاڳو ڪري ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي متاثرن جو علاج ڪيو وڃي، متاثرن کي روزگار سميت بنيادي انساني سهولتون فراهم ڪيون وڃن

ھي به پڙھندا

سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران جلال محمود شاھ سوڌو 5 ڄڻن جي حفاظتي ضمانت منظور