سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو ڳوٺ پيرو مري وٽان گرھوڙ شاخ کي اڍائي مهينا اڳ پيل 40 فوٽ گھارو اڃا تائين بند ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري ٻيهر ڳوٺ ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي  ويا آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن نور نبي مري ۽ جمال الدين مري چيو ته آبپاشي عملدارن اڍائي مهينا گذرڻ باوجود گھارو بند ناهي ڪيو، هنن چيو ته گھاري سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڪڻڪ ۽ سرنھن جو فصل ٻڏي ويو آهي، هنن ٻڌايو ته آبپاشي عملدار گهارو بند ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.