نوشهرو فيروز/ڪنڊيارو (نمائندن وٽان) نوشهرو فيروز ۽ ڪنڊيارو ويجهو نامور عالم، قومپرست اڳواڻ ۽ سنڌ ساگر پارٽي جي باني چيئرمين عزيز الله ٻوھيو جي پھرين ورسي جون تقريبون ٿيون، خبر موجب نوشهرو فيروز ويجهو نامور عالم، قومپرست اڳواڻ ۽ سنڌ ساگر پارٽي جي باني چيئرمين عزيز الله ٻوھيو جي پھرين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ خير محمد ٻوھيو ۾ ملھائي وئي، ورسي تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته عزيز الله ٻوھيو اسان جھڙن ماڻھن جو استاد ھو ۽ سندس سياسي قابليت مان اسان فائدو وٺي اڄ سڄي سنڌ ۾ اسٽيجن تي بيھي سنڌ جو ڪيس آساني سان وڙھي سگھون ٿا، جسم جي ھاشم کوسي چيو ته عزيز الله ٻوھيو ھڪ باوقار سياسي اڳواڻ ھو، جنھن جي سياست جو محور فقط سنڌ ھئي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو چيو ته مولانا عزيز الله ٻوھيو ملاعيت کي دفن ڪري قرآن مان قومن کي حق وٺڻ جو رستو ڏيکاريو، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو چيو ته عزيز الله ٻوھيو کي مذھب ڏانھن ڌڪڻ سنڌ ۽ سندس سان ناانصافي ھوندي، عزيز الله جي عشق جو محور سنڌ ۽ سنڌي قوم ھئي، ھن سنڌ جي قومپرستن کي طاقتور بڻائڻ لاءِ مختلف اتحاد جوڙائڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، ان موقعي تي ساگر يوسف منگي، اشفاق تڳر، مسرور چانڊيو، شريف کوسو، وزير اڄڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي پاسي ڪنڊيارو ۾ مولانا عزيز الله ٻوهيو جي پهرين ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي پروفيسر عبدالستار ابڙو، دل نواز مڱريو، روشن ابڙو، انور سولنگي، ظفر کوسو ۽ غفار عباسي چيو ته مولانا عزيز الله ٻوهيو سنڌ جو يگانو سياسي اڳواڻ هو، جنهن ڪڏهن به حالتن هٿان هار نه مڃي، هنن چيو ته وڏي ثابتي قدمي سان پنهنجي ڳالهه تي بيٺل رهيو، هن سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ تي تقرير ڪرڻ تي جيل ڪاٽيو، هو هڪ گهڻي رخي شخصيت هو، تقريب ۾ فقير دين محمد وايون ٻڌائي واهه واهه ڪرائي ڇڏي.