سنڌڙي (ن پ ا) ڦلھڏيون ڀرسان ڳوٺ پنھون مري ڀرسان  هڪ ڏينھن اڳ ارڙي وگھي معصوم ٻار محمود مري جي فوت ٿيڻ ۽ ٻيا ٻارڙا مبتلا هجڻ جي خبر ٽائيم نيوز تي ھلڻ بعد ڊي ايچ او ميرپورخاص مشتاق شاھ نوٽيس ورتو، جنھن بعد فوڪل پرسن لياقت، ٽي ايس وي سنڌڙي اسلم شر، ايم ايس ڦلھڏيون رياض ميمڻ، رشيد مري  ۽ ھاشم مري جي اڳواڻي ۾ ٽيمون ڳوٺ ۾ پھتيون،  جن 40 ٻارڙن کي ارڙي کان بچاءُ  جي ويڪسين ڪئي، ان حوالي سان ڊي ايچ او ٻڌايو ته ٽائيم نيوز جي نشاندھي تي اسان ٽيمون موڪليون آھن، جيڪو ٻار گھڻو متاثر آھي، ان کي اسپتال ۾ داخل ڪري علاج ڪرائينداسين.