سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مادرِعلمين ۾ نياڻين سان پيش آيل واقعن خلاف مظاهرا

0
271

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مادرِ علمين ۾ نياڻين سان پيش آيل واقعن خلاف مظاهرا، دادو ۾ پروين رند جي اڳواڻي ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو، پروين رند پيرئين اگهاڙي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي ۾ جسقم جي سڏ تي احتجاج ۾ سول سوسائٽي جا نمائندا ۽ شهري شامل

 شهداد ڪوٽ ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل شهرين جو ريلي بعد مظاهرو ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ عورتن طرفان علامتي بُک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نوشين ۽ نمرتا جي ڊي اين اي رپورٽ مان ظاهر ٿيو ته يونيورسٽيز ۾ نياڻيون محفوظ نه آهن، نمرتا، نوشين، پروين ۽ الماس جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتر ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو

لاڙڪاڻي ۾ ينگ ڊاڪٽرز طرفان نمرتا ۽ نوشين واقعن جي شفاف جاچ لاءِ وي سي توڙي پرووسٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، ينگ ڊاڪٽرز ائسوسيئيشن جي اجلاس ۾ ڊي اين اي رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد سومر تي احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو

اڳواڻن جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا نياڻين کي موت جي منهن ۾ ڌِڪي ڇڏيو آهي، ڊي اين اي رپورٽ ۾ انتظاميا جي پت وائکي ٿي وئي، شاگردياڻيون ۽ سندن وارث خوف ۾ مبتلا آهن، ڊي اين اي رپورٽ تحت سمورن شڪي ماڻهن جي پنجاب توڙي پرڏيهه مان ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

نواب شاهه: شاگردياڻي پروين رند مامرو، ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت فرار