ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي ضلعي ڪائونسل ۾ شامل 3 يونين ڪائونسلن کي ڪياماڙي ڊي ايم سي ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌي آبادي جي اڪثريت رکندڙ مواڇ، لال بکير ۽ گابو پٽ کي ضلعي ڪائونسل ڪراچي کان الڳ ڪري ڊي ايم سي ڪياماڙي ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.