ڪراچي: ڪي ايم سي جي ماتحت هلندڙ 4 اسپتالون صحت کاتي حوالي، سنڌ ڪابينا گذري ميٽرنٽي هوم، سوڀراج ميٽرنٽي هوم، گزدرآباد جنرل اسپتال ۽ لانڍي ميڊيڪل ڪيمپس کي عملي سميت صحت کاتي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس کي اختيارين ٻڌايو ته ڪي ايم سي ڄاڻايل 4 اسپتالن کي هلائڻ لاءِ 800 ملين رپيا خرچ ڪندي آهي، مالي بحران سبب ڄاڻايل اسپتالن کي صحيح طريقي سان نه پيو هلايو وڃي نه ئي ملازمن کي پگھارن جي وقت سِر ادائگي ڪئي پئي وڃي. ڪي ايم سي اختيارين جي تجويزن تي ئي 4 ئي اسپتالون صحت کاتي حوالي ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي سيد مراد علي شاھ چيو ته صوبائي حڪومت ڄاڻايل اسپتالن کي هلائڻ لاءِ ڪي ايم سي کان 800 ملين نه وٺندي،