قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ سنڌ درياءَ جي پاڻي وھڪرن  ۾ اضافو اچڻ بعد ننڍي ٻوڏ واري صورتحال، ان ڏس ۾  ڳوٺ مير محمد لاکو، الھه ورايو لاکو، سيد بادو شاھ، ڌڻي بخش ملاح، محصن شاھ، گل بيگ چانڊيو، پير حاجي نور شاھ، انب جوڻيجو، درياءُ خان جتوئي، راضي خان جتوئي، حمزو جتوئي،  ماهي جتوئي، عثمان مھڙ سميت 25 کان وڌيڪ  ڪچي جا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ھيٺ اچي ويا آهن، ڪچي ۾ آباد  ڳوٺن جا شھرن سان زميني رابطا ڪٽجي ويا آهن، جڏهن ته ڪچي ۾ سوين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند ووئنڻ ۽ ٻيا فصل ٻڏي ويا آهن، تازي برسات جي وسڪاري بعد بچاءُ بند کي وڏا کڏا پئجي ويا آهن، هوڏانهن پاڻي ۾ مسلسل چاڙھ سبب مختلف ڳوٺن مان مقامي رهواسي  محفوظ ھنڌن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪري رهيا آھن.