دادو ( رپورٽر ) دادو ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي ڪيترن ئي مک ڪاروباري مرڪزن توڙي پاڙن ۾ ڊرينيج سسٽم بلاڪ ٿيڻ ڪري گٽر ۽ نالا روڊ رستن تي اٿلي پيا آهن ، گٽرن جو  پاڻي سئنيما چوڪ ، ڪاليج روڊ ، پوليس هيڊ ڪواٽر ۽ ريشم گلي روڊ ۽ موندر ناڪو وٽ تلائن جي صورت ۾ بيٺل آهي ، جنهن سبب سوين دوڪاندارن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ته ٻئي شهرين کي پڻ سخت تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، سئنيما چوڪ ۽ موندر ناڪو جي خدابخش قمبراڻي ، محمد نواز ۽ ٻين دوڪاندار سخت احتجاج ڪندي داهيو آهي ته هر ٻئي ، ٽئين ڏينهن گٽرن ۽ نالن جو پاڻي سندن دوڪانن آڏو بيهڻ سبب سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويا آهن ، ڊرينيج جي پاڻي ۾ بدبوء هئڻ ڪري هو پنهنجن دوڪانن تي ويهي به نه سگهن ، هنن مطالبو ڪيو آهي ته سندن دوڪانن آڏو بيٺل ڊرينيج جو پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي