حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ آٽو ڀان روڊ تي ڊرينيج جو نظام ناڪاره ٿي وڃڻ جي ڪري گندي پاڻي جو نالو اٿلي پيو جنهن جي ڪري گندو پاڻي آٽو ڀان روڊ تي ڪاهجي پيو. شهر جي مصروف ترين ۽ ڪاروباري مرڪز آٽو ڀان  روڊ تي حسين آباد کان وومين پوليس اسٽيشن تائين پاڻي بيهجڻ جي ڪري ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿيون جڏهن ته ٽريفڪ جو نظام به سخت متاثر ٿيو. گندو پاڻي ٻيلي کاتي جي نرسري ۽ آفيسن ۾ به ڪاهجي پيو جنهن جي ڪري اتي ملازمن کي اچڻ وڃڻ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. چيو پيو وڃي ته واسا طرفان گندي نالي جي صفائي نه ڪرائي وئي آهي جنهن ڪري ان ۾ ڪچرو ڦاسي پيو آهي ان ڪري گندو پاڻي نيڪال ٿيڻ بدران رستي تي ڪاهجي پوي ٿو. ٻئي طرف ڊي سي حيدرآباد جيڪو ايڇ ڊي اي جو ڊائريڪٽر جنرل به آهي تنهن ان معاملي جو نوٽيس وٺندي فوري طور نالي جي صفائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جو حڪم ڏنو.