سنڌ، شاهراهون ۽ عبرتناڪ سانحا!

0
269
سنڌ،-شاهراهون-۽-عبرتناڪ-سانحا

  سنڌ جي روڊن تي خطرناڪ، هانءُ ڏاريندڙ واقعا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن. ڪيتريون ئي بسون مڪمل تباهه ٿي چڪيون آهن! ڪيترائي خاندان سڙي، چيڀاٽجي چچرجي تباهه ٿي چڪا آهن، روز ڪي نه ڪي خاندان پنهنجي پيارن جا لاش کڻن ٿا، پر انهي ايڏي وڏي سنجيده مسئلي تي اسان جي رياست، اسان جا ادارا توڙي انفرادي طور تي ذميوار ماڻهو ڪي حل ڳولڻ لاءِ اڳيان نٿا اچن. حادثا واقعي سڄي دنيا ۾ ٿيندا آهن پر انهن جي نوعيت ڏسبي آهي، انهن جي وچ ۾ وقفو ڏسبو آهي، حادثي واري جگهه جو جائزو وٺبو آهي، گهڻ پاسائين جاچ ڪبي آهي پوءِ ڪو اتفاقن ٿيل حادثو ظاهر ٿيندو آهي!   سنڌ جي شاهراهن تان ملندڙ ٽيڪس سڄو وفاق کي ملي ٿيو،انهن روڊن تي روزگار ڪندڙ ماڻهو به ٻاهران اچن ٿا. سنڌ جي مکيه روڊن جي حالت خراب لڳي پئي آهي، انهي تان سائن بورڊس ڊهي ويا آهن، ديوين جا جهنگ روڊن تي چڙهي آيا آهن، جيڪي برساتي پاڻي ۾ ٽُٽا آهن انهن جي مرمت ڪرڻ وارا ڪٿي آهن؟!. مرمت نه ٿيڻ جي ڪري انهن تي دردناڪ واقعا پيش اچن ٿا. هتي اسان وٽ سنڌ ۾ ته روڊ ٺاهڻ جي پلاننگ ئي مناسب ناهي هوندي، طاقتور ماڻهن جي ٻنين ۽ قبضن کي بچائڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ خطرناڪ موڙ ٺاهيل آهن، جن تي روز واقعا پيش اچن ٿا. ٻئي پاسي انهن ئي ساڳين علائقن ۾ مسڪينَ ۽ بي پهچ ماڻهن جا گهر ، پلاٽ يا ڪٿي مائيٽاڻو ڪو زمين جو جريب هوندو ته انهي جي مرڪز مان ڪرين مشين هڻي به روڊ ٺاهيندا آهن! اهڙا هزارين هنڌ يا مثال پاڻ سنڌ جي روڊن تي ڏسي سگهون ٿا!

ٻي ڳالهه، هتي هلندڙ ٽرانسپورٽ گاڏين جي جاچ پڙتال، رپيئرينگ وغيره لاءِ ادارا آهن. ٽرانسپورٽ اٿارٽيون آهن، انهن جو ڪم اڻپورو آهي. هتي ڪرپشن جي پوک جيڪا سنڌ جي اقتداري وڏيرن ،جاگيردان ۽ سرمائيدارن پوکي آهي اها اڏوهي بڻجي سڄو وطن کائي ۽ ڀيلائي رهي آهي. هن کاتي جي منسٽرن ۽ ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۾ سفارشي ڀرتي ٿيل آفيسرن کي مهيني تي مالڪن کي منٿليون ڏيڻيون هونديون آهن. تنهن ڪري ٽرانسپورٽر ڏيتي ليتي ڪري قانوني جاچ پڙتال مان آجا ٿي ويندا آهن! پوءِ گاڏي صحيح آهي، ناهي! بريڪ لڳن ٿا يا نه؟ انهن جي جاچ کان آجيون گاڏيون روڊن تي راڪاس ٿي گهمنديون رهن ٿيون ۽ روز ماڻهو مارين ٿيون! انهي نظام ۾ ڄڻ ته انهن گاڏين کي ماڻهو مارڻ جا لائسنس مليو وڃن!

گاڏين تي هلندڙ عملو سيکڙاٽ هوندو آهي، ڊرائيورن مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا آهن جن کي لائسنس ڏيتي ليتي سان ملندا آهن! ڪيتريون ئي گاڏيون ڪليئنرس جي سکڻ واري مرحلي جي ڪري تباهه ٿيو وڃن! ظاهر آهي هن معاشري ۾ وڏيون گاڏيون هلائڻ لاءِ سرڪار پاران سکيا گهر موجود ناهن ته ماڻهو انهن ئي عوامي آمدرفت جي گاڏين تي تجربا ڪندي سکندا جنهن۾ هر وقت وڏي حادثي جو رسڪ تلوار وانگي لٽڪندورهي ٿو!  انهن گاڏين جي ڊرائيورن جي اڪثريت نشائي هوندي آهي. انهن جي حليي مان اوهان نوٽ ڪري سگهو ٿا. ڪيترائي ڊرائيور ته پابندي واريون شيون پڻ آساني سان پنهنجي منزل تائين پڄائيندا آهن! ڇو ته بسون، انهن تي هلندڙ عملو ڪڏهن چيڪ ناهن ٿينديون، پوليس وارا رڳو پئسينجرن جي اکين ۾ ٽارچ هڻندا آهن! گاڏي جو عملو چيڪنگ کان بالاتر آهي ڇو ته انهن گاڏين جا مالڪ گهڻو ڪري ڪي منسٽر، ڪي ڪامورا، ڪي جاگيردار، يا حڪمرانن جا سئوٽ ماسات، ڀائيٽا ڀاڻيجا آهن يا ته انهن جا خاص ڇاڙتا آهن جن جا خاص ماڻهو هر اڏي تي تعينات ٿيل آهن جيڪي ڪهڙي به قسم جو خطرناڪ عمل ڪن، جهيڙا ڪن، ڪيڏا به وڏا مجرم ٿيو وڃن پر انهن جا ڌڻي ويٺا آهن. جن کي ڪروڙين رپيا روز ملن ٿا اهي ڌڻي ٿيندا! ملڪ جا مهنگا وڪيل انهن جي ڪيس ڏسندا، ضلعي جا پوليس آفيسر انهن جا محافظ بڻبا. باقي تذليل جي شڪار صرف ويچاري عوام ٿئي ٿي، جيڪا نڌڻڪي ۽ بي يارومددگار ٿي مري رهي آهي!

 اسان جي سماج ۾ آمدرفت جا قانون ۽  اصول نٿا پڙهايا وڃن.  عام ڊرائيورن کي ته قانون جي ڄاڻ گهٽ هجي ٿي. اهڙي قسم جي سڄي ماحول ۾ عام ماڻهو جيڪو اڪيلو سفر ڪري ٿو اهو ڪهڙي به ناجائزي ٿئي ٿي وڙهي نٿو سگهي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي حق لاءِ جي آواز اٿارين به ٿا ته انهن سان فشريون ڪري چُپ ڪرايو وڃي ٿو. اسان سان پاڻ سفر ۾ ايئن ڪيترائي جهيڙا ٿيا آهن!

سنڌ ۾ گذريل ٻن ڏينهن ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن انهن ته انسانن جا اندر گهائي ڇڏيا آهن. خيرپور ناٿن شاهه جنهن کي پهرين هتي جي حڪمرانن طرفان ٻوڏ جي پاڻي ذريعي ٻوڙيو ويو انهي ئي شهر جي رهاڪن سان پيش آيل بس سڙڻ واري واقعي ۾ هڪ ئي خاندان جا 18 ڀاتي سڙي مري ويا آهن اها خبر جڏهن ٻُڌيسين تڏهن ذري گهٽ ساهه پئي نڪتو!  ماءُ ۽ سندس پٽ جا، پنهنجي هنج ۾ پُٽ کي بچائيندي سڙي ڪوئلو بڻجي ويل گڏ لاش جڏهن ميڊيا تي ڏٺاسين تڏهن خيال آيو ته هن ڌرتي تي جيڪو ٽي حصا پاڻي آهي هو انهي وقت فطرت طرفان اتي ڇو ڪونه پهتو. هُن بدنصيب خاندان لاءِ ته هي ڌرتي جو گولو سڄو باهه جو گولو ئي ثابت ٿيو!  ۽ ساڳئي ڏينهن تي ڪراچي کان مٺي واري روڊ تي ٿر جو هڪ صوفي ڪلاڪار ڀڳت بصر، مٺو مل، دلبر موتياڻي،۽ حنيف ڪنڀار اسان کان کسجي ويا!  هڪ وائرل ٿيل رپورٽ مطابق هنن ئي روڊن تي ساڳي ڪوچ  ايستائين 21 ماڻهو ماريا آهن!

 سوال اهو ٿو اٿي ته انهي ايڏي وڏي سنجيده مسئلي تي اڄ ڏينهن تائين ڪا جاچ ڇو ناهي ٿي؟ ادارا انهي معاملي کي سنجيدگي سان ڇو نٿا ڏسن؟ اهڙن ڊرائيورن جا لائسنس رد ڇو نٿا ڪن؟  سوين اهڙيون وڊيوز اچي چڪيون آهن  جن ۾ اهي وڏين گاڏين وارا رفتار جا مقابلا ڪندي نظر اچن ٿا جن مان آساني سان ڊرائيور، گاڏيون، روڊ ۽ عملا سڃاڻي سگهجن پيا پر انهن ماڻهن خلاف اڄ ڏينهن تائين ڪا ساراهه جوڳي قانوني ڪارروائي ڇو ناهي ڪئي وئي؟! هڪڙي ماڻهو جي وڇڙڻ سان انهي سان لاڳاپيل خاندان اجڙي وڃن ٿا  هتي ته پوريون گاڏيون سڙيو وڃن، چيڀاٽجيو وڃن، ڪو داد فرياد ئي نٿو ٿئي! جيڪڏهن ڪو ماڻهو مڙسي ڪري ٿو ته پوءِ سڀ کان پهرين چونڊيل نمائيندا، ٽرانسپورٽر، برادرين ۽ قبيلن جا پٽيل، پوليس جا آفيسر وغيره مقتولن تي دٻاءُ وجهندا آهن ۽ مٿي بيان ڪيل سڄي نظام جي هوندي هڪ عام ماڻهو وڙهڻ چاهيندي به هٽي ويندو آهي! جيڪڏهن ڪو صفا بيهي رهندو آهي ته پوءِ نيٺ آخر ميڙ منٿ ڪري اهڙن ڪمن جا ٺيڪيدار ساڻ ڪري تڏي تي وڃي معاف ڪرائي وٺندا آهن تنهن تي انهي سڄي ڪارستاني ۾بار بار ثابت ٿيل، پاڻ مڃيندڙ ۽ ملوث قاتل پنهنجي ديدادليري سان ساڳي نموني گاڏين کي هلائيندي، من مستي ڪندي روڊن تي لامارا ڏيندي نظر اچن ٿا! ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته انهن مسئلن جي حل لاءِ اسان سڀئي گڏجي آواز اٿاريون، قانوني ڪارروائي ڪيون، قانونسازي جي ضرورت پوي ته انهي جي لاءِ پڻ حڪمرانن تي دٻاءُ وجهون ۽ ايندڙ وقت ۾ اهڙن عبرتناڪ سانحن کان بچون.