ڪراچي(شوبز نيوز)سينيئر اداڪار انور اقبال جي طعيت بگڙجي وئي، جنھن کانپوءِ ھن کي ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي. اداڪار انور اقبال جي گھروارن جو چوڻ آھي ته انور اقبال ڪافي عرصي کان گردن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آھي. سندس گھروارن انور اقبال جي مداحن کان اپيل ڪئي آھي ته اھي اداڪار جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا ڪن.