لنڊن (شوبز نيوز) پاڪستان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي من موهڻي اداڪارا ارمينا خان انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي مانچسٽر ۾ گهمڻ دوران هراسان ڪيو ويو.ارمينا خان پنهنجي انسٽا گرام اسٽوري تي هڪ مختصر نوٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هن لکيو ته مان مانچسٽر ۾ گهمڻ نڪتيس ته مون کي هراسان ڪيو ويو، نه رڳو مون کي پر منهنجي اڳيان جوگنگ ڪندڙ عورتن سان به ائين ئي ٿيو.سندس چوڻ هو ته عورتن کي هراسان ڪرڻ هڪ عالمي مسئلو آهي.