سنجهورو/سانگهڙ (نمائندن وٽان)  ڪراچي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل سنجهوري واسي ڊاڪٽر بيربل گيناڻي جي قتل خلاف ٽريڊ يونين ۽ ھندو پنچائت  جي سڏ تي سنجهوري شھر ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو، ٻئي طرف مقتول ڊاڪٽر جو لاش سرد خاني ۾ رکيو ويو آھي، سندس هڪ پٽ آڪاش گيناڻي جرمني مان پهچي ويو آھي، جڏهن ته سندس ٻيو پٽ راجندر گيناڻي فجر وقت  لنڊن مان ڪراچي پهچڻ بعد سندس مڙھ کي شھر نيو ويندو، جتي سندس آخري رسمون ادا ڪيون وينديون. ٻي طرف سياسي سماجي اڳواڻ  محمد انور راجپوت ، سندرداس کيتاڻي ،  سنيل ڪمار پرهياڙ ، راجيش ڪمار ھرداساڻي ۽ ٻيا   شهر جي گيناڻي پاڙي ۾ وڇايل تڏي تي پهتا ۽ پونئيرن سان ڏک ونڊيو ،  هوڏانهن    ڊاڪٽر بيربل جي   قتل خلاف سانگهڙ پريس ڪلب آڏو سينئر صحافي ۽ سانگهڙ سجاڳي فورم جي سرپرست عاجز منگي، مٺو سانگھڙائي ۽ اقرار شر جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  هوڏانهن  سانگهڙ ڊسٽرڪٽ بار جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي طرفان  ڊاڪٽر بيربل جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پنهنجي جاري ڪيل سرڪيولر ۾ چيو آھي ته ڊاڪٽر بيربل جهڙي انسان دوست شخصيت جي قتل سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان اٿاري ڇڏيا آھن ، هنن ڊاڪٽر بيربل جي بي رحماڻي قتل تي سنڌ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اينجنسين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي   گرفتار ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.