ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيل سنجهورو واسي اکين جي مشهور ڊاڪٽر بيربل جي تڏي تي گورنر ٽسوري پهتو، شهر ۾ وڌيل بدامني تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، پوليس کي 3 ڏينهن جي مهلت، ان ڏس ۾  2 ڏينهن اڳ خميس تي لياري ايڪسپريسوي تي گارڊن وٽ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڊاڪٽر بيربل واري ڪيس ۾ اڃا تائين اڳڀرائي نه ٿي سگهي ۽ نه وري ڪيس داخل ٿي سگهيو. پوليس موجب وارثن سان ايف آءِ آر لاءِ رابطو ڪيو ويو پر اهي اڃا تائين ايف آءِ آر لاءِ نه پهتا آهن. پوليس موجب ڊاڪٽر بيربل جو قتل ڀتي جو واقعو  يا سياسي قتل نٿو لڳي، ڊاڪٽر جي گاڏي جا شيشا هيٺ ٿيل هئا، ڪار جي کاٻي پاسي کان فائر ڪيا ويا، سندس زخمي اسسٽنٽ قرت العين ۽ سندس فيملي جا بيان ورتا ويا آهن، مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري مقتول ڊاڪٽر بيربل جي گهر پهچي سندس پٽ آڪاش ۽ ڀاءُ  سان تعزيت جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي گورنر ٽسوري چيو ته  هي انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي ڊاڪٽر بيربل ملنسار ۽ محنتي ڊاڪٽر هو، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته ڊاڪٽر بيربل فرشتي صفت انسان هو، سندس ھٿن سان هزارين ماڻهن جو ڪامياب علاج ٿي چڪو آهي، گورنر سنڌ چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي  آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. ڊاڪٽر بيربل جو قتل شهر جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪراچي پوليس کي ٽاسڪ ڏيان ٿو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، آئون هر قسم جو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، آئون پاڻ هن ڪيس جي مانيٽرنگ ڪندس، جيڪڏهن هي ڪيس به حل نه ٿيو ته پوءِ ڪجهه به نٿو بچي ، جيڪڏهن اهڙا ڊاڪٽر به  ايئن ماريا ويندا ته پوءِ هن ملڪ ۾ ڪير رهندو؟ ملڪ جي خدمت ڪير ڪندو؟ اسان خاموش تماشائي بڻيل رهياسين ته هتي ڪير به نه رهندو سنڌ جي گورنر چيو ته آئون چيف جسٽس کي چوندس ته هن معاملي کي پاڻ ڏسي، گرفتار ٿيل جوابدار ضماتن تي آزاد ٿي وڃن ٿا، هر ڪنهن کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي، سنڌ جي گورنر آءَ جي سنڌ جو نالو کڻڻ بدران چيو ته جيڪڏهن هاڻي به ڏوهاري نه پڪڙجي سگهيا ته پاڻ ئي گهر هليا وڃو. هن چيو ته آءِ جي سنڌ ايماندار شخص آهي، سندس شڪايتون آهن ته وست وسيلا گهٽ آهن. هن چيو ته اهو ٺيڪ آهي ته وسيلا گهٽ آهن پر کيس پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻي پوندي، ڪراچي پوليس چيف 3 ڏينهن ورتا آهن ، 3 ڏينهن تمام گهڻا آهن، هن چيو ته 3 ڏينهن بعد آئون پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري حقيقتون ٻڌائيندس. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته منهنجي دل کان پڇو ته ڪجهه به بهتر نه ٿيو آهي. هن چيو ته هاڻي گهڻو ٿي ويو، هاڻي سڀني کي ذميواري کڻڻي پوندي، ڪير اهو سوچي خاموش نه رهي ته جيڪڏهن آئون  ڳالهائيندس ته نوٽيس جاري ڪيو ويندو،گورنر چيو ته شھر ڏوھارين جي حوالي ڪيو ويو ته پوءِ خاموشي سان گھر ھليا وڃون