سنجرچانگ ( ن پ ا) سنجرچانگ چمبڙ روڊ تي دليل آباد اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتارموٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويئل واسي ھڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 45 ورھين جو ڏيوجي، 32 ورھين جو رامجي پٽ ڪرشن، 6 ورھين جي نيلا، ڌي ڏيوجي، 4 ورھين جو ڪرپال پٽ ڏيوجي، 8 ورھين جي ڀاڳلي ڌي ڏيوجي ۽ ھڪ عورت شامل آهن، زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ آندو ويو، رورل ھيلٿ سينٽر چمبڙ ۾ دوائن جي شديد کوٽ سبب زخمين جو علاج نہ ٿي سگھيو. ھڪ ئي ڪٽنب جي ڇھن ئي زخمين کي بنا علاج جي وارث ميرپورخاص کڻائي ويا.