نئون ديرو (ن پ ا) لاڙڪاڻي کان سکر ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو شگر مل باءِ پاس تي سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سائيڪل سوار غريب آباد پاڙي جو رهواسي 7 ورهين جو نينگر محمد علي چنو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي موقعي تي موجود ماڻهن نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، حادثي بعد ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪلينر ڪوچ ڇڏي فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پهچي ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ڪوچ ۾ سوار مسافرن ٻڌايو ته نينگر سائيڪل تي ون ويلنگ ڪندي روڊ جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي هليو ويو، جنهن دوران ڪوچ ڊرائيور نينگر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نينگر ڪوچ جي زد ۾ اچي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.