قمبر (رپورٽر) ڏيڍ مھينو اڳ قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي حادثي م زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت، خبر موجب باگوديرو محلي جو رھواسي 20 سالن جو سڌير علي گوپانگ ڏيڍ مھينو اڳ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿي پيو هو، ڪالهه ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهي فوت ٿي ويو. اطلاع تي نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.