ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه جي وارڊ نمبر 6 نواب ڪالوني ۾ جڳهه جي مالڪي تان رٽائرڊ پوليس جمعدار سهراب سولنگي مٿان مبينا حملو، اسپتال منتقل. ان سلسلي ۾ رٽائرڊ اهلڪار سهراب سولنگي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو عزيز جانو عرف جان محمد سولنگي منهنجي گهر تي حملو ڪري هٿوڙن سان منهنجو مٿو ڦاڙي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آھي. هن چيو ته مان گهر ٺھرائي پنهنجي سئوٽ رحانا سولنگي جي نالي لکرايو آھي جنهن تي جانو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي هن چيو ته مونکي جوابدار جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي. پوليس جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي.