ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ جڙيل سولنگي ۾ پاڻي جي واٽر واهه جي کاٽيءَ تان سولنگي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڄڻو چنيسر سولنگي لٺيون ڪهاڙيون لڳڻ ري سخت زخمي ٿي پيو. زخمي پورهت ٻڌايو ته واٽر جي کاٽي کڻي رهيا هئاسين ته بااثر سڄڻ سولنگي، مختيار، سونو، سراج سولنگي ۽ ٻين هٿياربندن اچي مون مٿان حملو ڪري ڏنو، مونکي لٺيون ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هن چيو ته مون پنج ڄڻن حملي آورن مٿان ڪچو ڪيس داخل ڪرايو آھي پر پوليس بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي هن چيو ته بااثر حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.