پنگريو (ن پ ا) سيد سمن سرڪار جي ميلي ۾ مسواڙ گھرڻ تان گادي نشين جي ماڻھن ۽ کوسا برادري جي ماڻهن ۾  ڇڪتاڻ بعد کوسا برادري جي ماڻھن ۽ سندس حامين جزوي ھڙتال ڪري شهر جو ڪاروبار بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري  پنگريو_ جھڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  شھباز کوسو، محبوب کوسو، سڪندر کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته  گادي نشين جي پٽ ۽ مري برادري جي ماڻھن اسان جي   مڻھياري جي اسٽال تي چڙھائي ڪري نقصان ڪيو آھي، جنهن جو پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،  ھوڏانھن ھن سال سيد سمن سرڪار جي ميلي جو ٺيڪو مري برادري وٽ ھو، جنھن ڪري کوسا برادري جي دڪاندارن ۽ وصولي ڪندڙ مري برادري ۽ گادي نشين جي پٽ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي،  پوليس پھچي جھيڙو ٿيڻ کان روڪي ورتو هو. هوڏانهن گادي نشين سيد علي بخش جي پٽ عمران شاهه پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  ميلي ۾ واپارين ۽ گراھڪن جو پاڻ ۾ خريداري تان جھيڙو ٿيو، انھي سان منھنجو ڪو به تعلق نه آھي، باقي اسان جو شھباز کوسو  وارن سان زمين جو تڪرار آھي، جنھنڪري اسان کي ان  جھيڙي واري معاملي ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي، ٻي پاسي ايس ايچ او پنگريو غلام قادر سرڪي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ملوڪ کوسو معمولي زخمي ٿيو، جنھن کي علاج لاءِ  ليٽر ڏنو آھي، ڌرين جون پاڻ ۾ ڳالھيون ھليون پئي، ڳالھين جي ناڪام ٿيڻ تي کوسا برادري احتجاج ڪيو آهي.