گڊو (ن پ ا) پنجاب جي شھر راجن پور انڊس شوگر مل وٽ انڊس ھاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو سامھون ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب چاچڙان شريف واسي ڪمال الدين موقعي تي فوت ٿي ويو، لاش اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڊرائيور فرار ٿي ويو، قانوني ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو.