ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ لڳ زمين جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، لٺيون لڳڻ سبب 10 ڄڻا زخمي. خبر موجب ڏهرڪيءَ ويجهو ڳوٺ دريا خان لغار يءَ ۾ 9  ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ تان سميجا ۽  لغاري ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب  لغار ي ڌر جا 6  ڄڻا حڪيم، ستار، شڪور، جاويد، وزير، جڏهن ته سميجا برادريءَ جا حاڪم، اربيلو، غلام نبي سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻنهي ڌرين جي زخمين کي علاج لاءِ ڏهرڪي اسپتال آندو ويو. پوليس ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪري ورتي آهي. جڏهن ته باضابطا ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.