سلطانپور (ن پ ا)سلطانپور ڀرسان ٻاتي چوڪ اسٽاپ تي آبادگارن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ جي زميندارن، آبادگارن ۽ ھارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ رهبر ويلفيئر فورم جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.آبادگار اڳواڻ حاجن مھر جي رهائشگاهه تي ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ ڦُٽي جي فصل ۾ درپيش مسئلن ،نقلي دوائن ،نقلي ڀاڻ ء غير معياري ٻجن جي روڪٿام ۽ واهن ۾پاڻي جي کوٽ بابت آواز اٿارڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تحت جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو.