لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي واسي نوجوان ڪراچي مان پراسرار نموني گم، وارث پريشان، خبر موجب شهر جي مراد واهڻ محلي جي سهيل ڪالوني واسي پورهيت نوجوان علي جان سرگاڻي ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي مان 3 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، وارثن علي شان ۽ سعيد احمد سرگاڻي ٻڌايو ته نوجوان هڪ بنگلي تي ڪم ڪندو هو، جتان سامان وٺڻ ويو ته گم ٿي ويو، سندس ڳولا باوجود ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو، هنن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.