ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليبر واري صوبائي وزير سعيد غني تي الزام ھڻڻ اينڪر  ڊاڪٽر شاھد مسعود کي مھانگا پئجي ويا، جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته شاهد مسعود ڏوھه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن بعد عدالت ڪيس جي شاهدن کي 13 مئي تي طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته شاهد مسعود 2016ع ۾ خانگي چينل جي پروگرام دوران سعيد غني تي الزام هنيا هئا، جنهن تي صوبائي وزير سعيد غني  2017ع ۾ فوجداري ۽ سول ڪيس داخل ڪيا ھئا.