ماسڪو (م ڊ) اڳوڻي روسي صدر اطالوي بچاءَ واري وزير جي قتل جي صورت ۾ نجي روسي فوجي ڪمپني ويگنر کي ڏيڍ ڪروڙ ڊالر انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اطالوي انٽيليجنس ادارن اڳوڻي روسي صدر دمتري ميدويدف جو روسي پرائيويٽ ملٽري ڪمپني ويگنر کي لکيل خط هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اطالوي بچاءَ واري وزير گائيڊو ڪروسيٽو جي قتل ڪي بدلي 15 ملين ڊالر انعام جو اعلان ڪيو ويو هو. اطالوي اخبار فوگليو دعويٰ ڪئي آهي ته دمتري ميدويدف اڳ ۾ ئي اطالوي بچاءَ واري وزير گائيڊو ڪروسيٽو کي ”پاگل شخص“ قرار ڏئي چڪو آهي، ڪروسيٽو تي الزام لڳايو ته هو يورپي يونين جي مهاجرن جي بحران کي آفريڪا کان يورپ ڏانهن وڏي لڏپلاڻ ذريعي ڀڙڪائي رهيو آهي.