لنڊن(م ڊ) ناڻي واري وفاقي سيڪريٽري حامد يعقوب شيخ چيو آهي ته اميد آهي ته سعودي عرب جا قرض ۽ امداد جي فراهمي لاءِ ٽيڪس اوڳاڙي وارا شرط پاڪستان کي متاثر نه ڪندا ۽ ۽ اهي اڳ ۾ ڪيل واعدن تي لاڳو نه ٿيندا ۽ اهي مستقبل ۾ لاڳو ڪيا ويندا. بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سعودي عرب ته پهرين ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته پاڪستان جي ناڻي ذخيرن ۾ رکيل رقم کي 3 ارب ڊالرن کان وڌائي 5 ارب ڊالر ڪندو ۽ وڌيڪ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو. ان باري ۾ سعودي فنڊ ايجنسي جي عهديدار سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ هن اهڙن نون شرطن جو ذڪر نه ڪيو. اميد آهي ته جنوري ۾ ئي سعودي عرب مان ٻه ارب ڊالر ناڻي ذخيرن لاءِ ملي ويندا. هن چيو ته حڪومت اسان کي آءِ ايم ايف سان معاملا طئي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ فنڊ کي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو چئي ڇڏيو آهي.ڪجهه شرطن تي ڪم به ڪيو ويو آهي، هاڻ ڊيل جي ويجهو آهيون ان ڊيل جي هڪ سياسي قيمت به چڪائڻي پوندي پر هاڻ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃڻو آهي. سمورن شرطن تي ڳالهين جي صورت ۾ آءِ ايم ايف سان تمام گهڻي ناڻي واڌ ۽ مهانگائي بابت به ڳالهايو ويندو ڇاڪاڻ ته شرطن تي عمل سان ماڻهن جو وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺ هليو ويندو.اميد آهي ته فنڊ ان حوالي سان پاڪستان جي خدشن تي غور ڪري ڊيل فائنل ڪري ڇڏيندو. ٻئي طرف اسٽيٽ بينڪ جي هڪ عورت اعليٰ عملدار جي حوالي سان بي بي سي ٻڌايو ته سعودي جو اهو اعلان غيرمتوقع نه آهي، ۽ نه ئي سعودي جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، هاڻ سڀ دوست ملڪ اسان کي چئي رهيا آهن ته اسان سڌارا آڻيون. سعودي عرب ۽ چين سميت دوست ملڪ اهو ئي چاهين ٿا ته اسان ڏکيا فيصلا ڪريون ته جيئن هو مدد ڪري سگهن. هن چيو ته آءِ ايم ايف وارا شرط به معاشي حالتن کي ڏسي ئي رکيا ويندا آهن ته جيئن ڪو ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻجي سگهي. هن چيو ته سعودي عرب تي اتحاد ملڪ آهي پر اهي ملڪ جيڪي رڳو ڪاروباري لحاظ سان سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن اهي به ڏسڻ چاهيندا آهن ته ڪو ملڪ آءِ ايم ايف جي ڪهڙي پاسي بيٺل آهي يعني هاڻ عالمي مالياتي اداري جو اطمينان ٻين مدد ڪندڙ ملڪن جي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.