جده(م ڊ) سعودي عرب ڀارت کان جهينگن جي درآمد تي عارضي طور تي پابندي لڳائي ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري موجب اِها پابندي سعودي فوڊ اينڊ ڊرگ اٿارٽي طرفان لڳائي وئي آهي ڇو جو ڀارت مان درآمد ٿيندڙ جهينگن ۾ وائيٽ اسپاٽ سنڊروم وائرس موجود آهي. سعودي عرب جي ماحوليات، پاڻي ۽ زراعت واري وزارت طرفان سرحد پار کان ايندڙ سامونڊي خوراڪ جي نمونن کي گڏ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب اِها پابندي ان وقت تائين لاڳو رهندي جيستائين ڀارت سعودي عرب کي درآمد ڪندڙ شين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاطري نه ڪرائيندو.