سعودي- ايران ڊيل جا ڏکڻ ايشيا تي اثر

0
188
سعودي- ايران ڊيل جا ڏکڻ ايشيا تي اثر

 اڄڪلھ جي عالمي سياست ۾ چيني ڊپلوميٽ وان يي جي سفارتڪاري جي ڌاڪ ويٺل آھي۔ وان يي جو چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو ۾ پنهنجي صدر شي جن پنگ سان پرڏيهي مامرن ۾ اهڙو ساٿ آهي، جهڙو مالاتوف جو اسٽالن سان هوندو هو۔ وان يي جي سربراهي ۾ چين جي پرڏيهي پاليسي کي ٿوري گهڻي ڦير ڦار سان مالاتوف جي پاليسين جو سچو نقل يا رپليڪا سڏي سگهجي ٿو، جنهن ۾ جرمني کي پولينڊ تي اڳرائي جي اجازت ۽ بالٽڪ رياستن تي قبضي جي بدلي ۾ هٽلر سان دوستي ۽ جنگ نه ڪرڻ وارو معاهدو ڪيو ويو هو۔ ٻئي هنڌ هجي يا نه پر يوڪرين خلاف روسي اڳرائي ۾ چين، سوويت يونين وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ساڳئي  وقت پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ٻن اهم اصولن “ڪنهن جي ڌر نه بڻجو ۽ ڪنهن جا دشمن نه ٿيو” جي پاڻ نفي ڪري رهيو آھي. ھڪ طرف چين پاڻ کي قومن جي حق خود اراديت right of self determination جو چيمپئين سمجهندي تائيوان کي پنهنجو اڻ ٽٽندڙ حصو ۽ سن ڪيانگ ۾ هلندڙ علحيدگي جي تحريڪن جي مخالفت ڪري ٿو ته، ٻئي طرف ڪريميا تي روسي قبضي ۽ دانيتسڪ ۽ لوگانسڪ جي يوڪرين کان علحيدگي کي حق بجانب قرار ڏيئي، پنهنجن اصولن جي نفي ڪري رهيو آھي۔ عالمي طاقت جي حيثيت ۾ چين جو يوڪرين جنگ ۾ ڪردار ڪهڙو ھجڻ گھرجي، ان موضوع تي ڪنهن ٻئي دفعي. پر اڄ جو موضوع سعودي- ايران ڊيل آھي، جيڪو وان يي جي بهترين سفارتڪاري جو نتيجو آھي. جنهن جي طئي ٿيڻ سان هن خطي جي امن ۽ ترقي جي راهه ۾ ڪجھ خوش فهميون، اميدون ۽ ڪجھ خدشا پيدا ٿيا آھن. ان باوجود وان يي جي هن ڪامياب سفارتڪاري عالمي سياست ۾ آمريڪا کي وڏو نقصان پهچائڻ سان گڏ چين جي سياسي ساک کي وڌيڪ مضبوط ۽ اهميت واروبڻايو آھي. نار وارن ملڪن خاص طور سعودي ۽ امارات سان لاڳاپن ۾ سرد مهري جوجوابدار صدر بائيڊن کي قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن  ٽرمپ کان وڌيڪ  غلط پاليسيون مرتب ڪري دنيا ۾ آمريڪا جي سياسي ساک کي ڇيهو رسايو آھي. بائيڊن جي دور ۾ ئي عربن روس ۽ چين سان سياسي ۽ اقتصادي وهنوارن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ هن وقت سعودي عرب جو دنيا۾ سڀ کان گهڻو واپار چين سان هلندڙ آھي. پر اهو به نه وسارڻ گھرجي ته، آمريڪا  هن وقت به عربن جو strategic partner  آهي ۽ عرب ملڪ سعودي ۽ امارات سميت گهڻي کان گھڻو هٿيار آمريڪا کان خريد ڪري رهيا آھن. تنهنڪري اهو سمجھڻ ته چين معرفت هن ڊيل کانپوءِ مڊل ايسٽ مان آمريڪا جي تڏا ويڙهه شروع ٿي ويندي، سا خام خيالي آھي. ياد رکڻ گھرجي ته ٻه سال اڳ ايران ۽ چين به پنجويهن سالن جواسٽريٽيجڪ معاهدو ڪري چڪا آھن.

عربن ۽ ايرانين جي وچ ۾ ٿيل هن معاهدي ۾ ڪا اميد رکڻ بدران پاڪستانين کي ان خوش فهمي مان نڪرڻو پوندو ته، ڪو سعودي- ايران ڊيل سان وٽن انتهاپسندي ۽ فرقيواريت جو خاتمو ٿيندو. ياد رکڻ گھرجي ته انگريز دور کان به گهڻو اڳ اسان وٽ فرقيواريت ۽ انتهاپسندي موجود هئي، جيڪا آزادي حاصل ڪرڻ کانپوءِ وڌي وڻ ٿي اسان جي جبلت instinct جو حصو بڻجي چڪي آھي. تاريخي طور اها هڪ مڃيل حقيقت آھي ته انگريز کان آزادي اسان جي صالح عملن ڪري نه پر فرقيواريت سبب حاصل ٿي هئي. آزاد پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ترتيبوار اسلامي نظام ۽ رام راڄ نافذ ڪرڻ جي دعويٰ  گروهي ۽ شخصي مفادن جي حاصلات هئي. برصغير۾فتني۽ فسادن جي تاريخ ڏيڍ کان ٻه صديون پراڻي آھي، جنهن کي جنرل ضياء، افغان مجاهدين، طالبان ۽ BJP سرڪارن پنهنجن پاليسين سبب دو آتشه بنائي ڇڏيو.

ڀارت کان ھٽي وري پنهنجي اولھ وارن پاڙيسري ملڪن تي نظر وجهنداسين ته انهن لاءِ اسلامي جمهوريه جو لقب هجڻ ڪافي آھي، پر اسان سميت ٻنهي اولھ وارن اسلامي جمهوريائن ۾ لڳل سياسي تماشا  “مسلماني در ڪتاب ۽ مسلمانان در گور” واري ڳالھ جي شاهدي ڏين ٿا. پاڙيسري ايران جو مثال وٺو، جتي ڪرد ڇوڪري مهاسا امينيءَ جو قتل ان ڪري ٿيو هو، جو هن مولوين جي ڏنل هدايتن مطابق مٿي تي رومال ڪونه ويڙھيو هو. ايران ۾ عورتن کي مٿي تي رومال ويڙھڻ جو طريقو ڏسڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ ايئن آھي، جيئن ڪنهن دور ۾ اسان وٽ ٽي وي تي وضو سيکارڻ جو رواج پيو هو۔ ايران ۾اميني جي مارجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ايراني حڪومت جون بنيادون ڌڏي ويون هيون ۽ هزار کن ماڻھو مارڻ کانپوءِ وڃي حڪومت پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. مطلب ته ڏکڻ ايشيا ھجي يا اولھ ايشيا هن خطي ۾ انتهاپسندي ۽ فرقيواريت ھڪ جبلتي ۽ دماغي بيماري آھي، جيڪا ڪنهن ڊيل سبب ختم ناهي ٿيڻي، البته proxy بند ٿيڻ سبب ان جي شدت ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. چوندا آهن ته جيڪي ڄڻين، سي نپائين، تنهنڪري ڏکڻ ايشيا ۾ انتهاپسندي جي مڪمل خاتمي جو علاج فقط آمريڪا وٽ آھي. هڪ ڳالھ البته ڏکڻ ۽ اولھ ايشيا ريجن۾مشترڪه آھي، اها آھي اتان جي عوام وٽ آمريڪا مخالف جذبو. چين، ايران ۽ سعودي عوام وٽ آمريڪا مخالف سوچ ۾ ھڪجهڙائي آھي. پاڪستان جو عوام بہ ساڳيا جذبا رکي ٿو۔ نائين اليون واري واقعي ۾ سڀ جو سڀ دهشتگرد سعودي شھري هئا. ايراني عوام ته هونئن به ٻريو ويٺو هو، پر اهم ڳالهه اها ٿي هئي ته چين جي سرڪاري ٽي وي تي پينٽاگون ۽ ٽريڊ سينٽر تي حملن جون ٽي وي فوٽيج واقعي کان 20 ڪلاڪ پوءِ نشر ڪيون ويون هيون، پر ان فوٽيج جي پس منظر ۾ باليوُڊ جي خوشگوار ميوزڪ به هلائي وئي هئي.

ڏٺو وڃي ته هن معاهدي جو گهڻو فائدو سعودي عرب کي ملڻو آھي، ڇو ته هن معاهدي سان سعودي حڪمران هڪ- مَنو ٿي ملڪ جي 2030ع واري سماجي ۽ اقتصادي پروگرام ڏانهن توجهه ڏئي سگهندا. هن ڊيل کانپوءِ وچ اوڀر مان شيعا ۽ وهابي انقلاب جي حڪومتي پشت پناهي ختم ٿيندي. جنهن سان سيڪيولر ۽ لبرل ڌرين جي مضبوط ٿيڻ جا امڪان وڌي چڪا آھن. سيڪيولر ۽ لبرل راهن تي شھزادي MBS ته هونئن به هلڻ شروع ڪيو آھي ۽ ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي پالسين ۾ نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪري رهيو آھي. پر هي معاهدو سندس حڪومت ۽ پاليسين جي استحڪام جو سبب بڻجندو. سياسي ۽ ڊپلوميسي جي ميدان ۾ابن سلمان جيڪي تڪڙا ۽ اٻھرا ڇال ڏيئي  رهيو آھي، تنهن کي سياسي سريئلزم political surrealism سڏجي ٿو. پر هن معاهدي کانپوءِ سندس غير منطقي ۽ تصوراتي سوچن تي تنقيد جو دائرو گهٽجي ويندو، ڇو ته ٻئي ملڪ هڪٻئي خلاف پروپيگنڊا مهم جو خاتمو آڻيندا. خاص طور سعودي عرب کي لنڊن ۾ کوليل پنهنجي ريڊيو اسٽيشن “ايران انٽرنيشنل” کي بند ڪرڻو پوندو ۽ ايراني عالم به سعودين خلاف ڏنل فتوائن تي ٻيهر غور ويچار ڪندا، ڇاڪاڻ ته ابن سلمان هڪ نئون سماج اڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.

ٻئي طرف ڏکڻ ايشيا جي ٻن ايٽمي ملڪن پاڪ- ڀارت لاڳاپن تي هن ڊيل جا ڪي خاص اثر ناهن ٿيڻا، ڇاڪاڻ ته چين معرفت سعودي ايران رابطن جي بحالي آمريڪا ۽ يورپي يونين جي واضح ناڪامي چئي وڃي ٿي. پاڪستان- چين دوستي ڀلي هماليه کان گھڻي وڏي ۽ سمنڊن کان ڪيتري به اُونهِي ڇو نه هجي پر اسان جي سيڪيورٽي توڙي سياسي اسٽيبلشمنٽ جوسياسي قبلو۽دل جو ڪاڍو آمريڪا ۽ يورپ ڏانهن هجڻ سبب هتي ڪنهن ٻي عالمي قوت جي ٽياڪڙي قبول ٿيڻي ڪانهي، هونئن به سندن اڳيان آمريڪي آشيرواد کانسواءِ جنرل ايوب جو تاشقند وارو معاهدو مثال طور موجود آھي۔

[email protected]