مثبتيت جو فلسفو

0
108
مثبتيت جو فلسفو

فلسفو بنيادي طرح جن ٻن يوناني لفظن (Philen=love Sophia=wisdom) مان جڙيل آھي، تن جو مطلب آهي “ڏاھپ جو پيار”، انڪري سڌي يا اڻسڌي طرح ڏاھپ جي ھر عمل جو  سڌو  يا اڻ سڌو واسطو ماضي کان حال توڙي مستقبل تائين ڪنھن نه ڪنھن فلسفي سان رھيو ھو، آھي ۽ رھندو. انساني تاريخ ۾ وقوفي انقلاب (آوازن کي الف ب جي اکرن ۽ لفظن جو روپ ڏئي پنھنجن خيالن، جذبن، تجربن، ثقافت، سياڻپ ۽ علم جي خزانن کي ٻولي جي صورت ۾ زباني توڙي لکت ۾ محفوظ ڪرڻ جي نتيجي ۾ آيل انقلاب) کان پوءِ جيڪي به انقلاب جھڙوڪ زرعي، صنعتي ۽ سليڪان انقلاب آيا آھن، انھن جو بڻ بنياد پازيٽوزم جو فلسفو رھيو آھي. ھونئن ته شين جي حقيقت تائين پھچڻ لاءِ سقراط يا ان کان به آڳاٽي فلسفين جي منطقي يا استدلالي طريقن جو ٿورو گھڻو تعلق ھن مڪتبه فڪر يا فلسفي سان پڻ لاڳاپيل آھي پر ھن جون واضح پاڙون ارسطو جي مشاھداتي (Observatory) ۽ معروضي (Objective) مڪتبه فڪر ۾ کُتل آھن. ھن فلسفي جي ڪک مان اڳتي ھلي دنيا، فطرت ۽ ڪائنات کي سمجھڻ ۽ پرکڻ وارو سائنسي طرز فڪر ۽ طرز عمل ڦُٽي نڪتو.

ھڪ پاسي مسلمان سائنسدانن جھڙوڪ جابر بن حيان، موسيٰ الخوارزمي، الڪندي، ابن سينا جھڙن عظيم ڏاھن جو طرز فڪر ۽ طرز عمل مثبتيت سان ٺھڪندڙ ھو ته ٻئي پاسي وري مغربي سائنسدان جھڙوڪ، ڪوپرنيڪس، گيليلو، رين ڊيڪارٽي، وليم گلبرٽ، پاسڪل، رابرٽ بوائل، آئزڪ نيوٽن، بينجمن فرينڪلن، لوائيزر، گريگر مينڊل، چارلس ڊارون، البرٽ آئينسٽائين، ميري ڪيوري ۽ سگمنڊ فرائيڊ وغيرہ ھن فلسفي جا پيروڪار ھئا. جيڪڏھن ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ھن فلسفي جي پاڙ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته مغربي فلسفين جھڙوڪ، سقراط، افلاطون، ارسطو، جان لاڪ، فرانسس بيڪن، ڪارل مارڪس، ڪارل روجرس ۽ اگسٽ ڪوم جي جفاڪشين کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگھجي.

اگسٽ ڪوم (1798-1857) جنھن دنيا کي ھڪ عظيم انسان-پسنديت جو نظريو/مذھب ڏنو، کي مثبتيت جو باني پڻ سڏيو ويندو آهي، ھن 1830ع کان 1842ع تائين پنھنجي تحقيقي ڪم کي  General Way of Positivism  نالي ڪتاب 1848ع ۽ 1865ع ۾ فرانسيسي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپرايو، جنھن ۾ ھن بحث ڪيو ته فطري سائنسي علمن يعني فزڪس، ڪيمسٽري، بائيلاجي وغيره جا قائدا قانون سماجي سائنسز تي پڻ معروضي طور لاڳو ڪري سگھجن ٿا ۽ انھن جي پيمائش ۽ تصديق پڻ ڪري سگھجي ٿي.

اگسٽ ڪوم مطابق سچائي جي تلاش جي سفر ۾ ھڪ معاشرو ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ترتيبوار مرحلن مان گذرندو آھي. مذھبي، مابعد الطبيعي، ۽ مثبت. مذھبي مرحلي ۾ ماڻھو سرجڻھار ۽ ان سان واسطو رکندڙ شين ۽ احڪامن کي سچي عقيدي ۽ دل سان مڃيندا آھن ۽ فقط مذھب کي ئي سچائي ۽ روشن خيالي جو سرچشمو سمجھندا آھن. ٻئين مرحلي مابعدالطبيعي ۾ انسانن جا حق عالمگير ھوندا آهن ۽ انھن جو ھر حال ۾ ۽ ھر جاءِ تي احترام ڪيو وڃڻ گھرجي، ھن سلسلي ۾ جمھوريتن ۽ آمريتن جو عروج ۽ زوال انساني حقن جي پاسداري سان سلهاڙيل آھي. آخري مرحلو پازيٽو يا سائنسي سوچ ۽ عمل سان واسطو رکي ٿو. ھن مرحلي جو اھم ترين نقطو اهو آهي ته انسانن جا انفرادي حق ٻئي ڪنھن به قانون، فرد يا حڪمران کان برتر آھن، مطلب ته انسان جي انفرادي آزادي ۽ سندس آزاد فيصلا ئي اھم آھن.

پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي مطابق سچائي انسان جي موضوعي (Subjective) ذھن جي اندر نه پر ٻاھرين دنيا ۾ معروضي (Objective) طور موجود ھوندي آھي، جنھن کي حواسي مشاھدن ۽ معلومات جي بنياد تي نه رڳو دريافت ڪيو ويندو آھي پر ان کي ساڳين حالتن ۽ شرطن ھيٺ ڪو به پرکي يا تصديق ڪري سگھي ٿو. اڳتي هلي پازيٽوزم جي حواسي معلومات جي  محدود تصور کي منطقي استدلال ۽ حسابي مساواتن جي مدد سان ثابت ڪرڻ تائين وسيع بنايو ويو، جنھن کي (Logical Positivism) يا منطقي مثبتيت چيو ويو. ھن فلسفي جون اھي ٻئي شاخون سچائي تائين پھچڻ جي ٻين وسيلن جھڙوڪ، مذھب، مابعدالطبيعات، وجدان ۽ داخلي تصورات وغيره کي رد ڪن ٿيون يا وري انھن کي بي معنيٰ سمجھن ٿيون. مثبتيت ۾ مقداري تحقيق (Quantitative Research) ئي سچائي تائين پھچڻ جو واحد گس ۽ ذريعو آھي.

پازيٽوزم يا مثبتيت داخلي ۽ خارجي منطق ۽ استدلال (Inductive and Deductive reasoning) تي ھڪ جيترو انحصار ڪندڙ آھي. ھن جا عام اصول ھِي آھن:

  • حقيقي معلومات فقط حواسي يا مشاھدي ۾ ايندڙ لقائن يا شين تي مشتمل ٿي سگھي ٿي.
  • ھن فلسفي ۽ نظرئي جو مقصد لقائن ۽ شين بابت اھڙا مفروضا ٺاھڻ آھي، جن جي مقداري پيمائش، چڪاس ۽ وضاحت ڪري سگهجي.
  • ھن ۾ حقيقتن کي ڳولي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن لاڳاپيل سائنسي قائدي تائين پھچي سگھجي.
  • کوجنا يا دريافت مڪمل معروضي ھجڻ گھرجي ۽ ان ۾ محقق جا ذاتي لاڙا، جذبا ۽ خيال ڪنھن به صورت ۾ شامل نه ھجڻ گھرجن.
  • سائنسي حقيقتن ۽ ماڻھن جي سماجي عام راين/اعتقادن ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي ڇاڪاڻ ته عام راين ۽ عقيدن جي پيمائش ۽ چڪاس معروضي طور ممڪن نه آهي.

ويھين صدي جي وچ کان پوءِ ھن فلسفي تي اعتراض وارڻ شروع ڪيا ويا ۽ 1960ع جي ڏھاڪي دوران مثبتيت جي مقابلي ۾ رد-مثبتيت (Antipositivism) فلسفو اچي ويو، (ھن موضوع تي ٻئي ڀيري تفصيل سان لکبو)

مٿئين بحث جو تت اھو ٿو بيھي ته پازيٽوزم يا مثبتيت جي فلسفي وسيلي سائنسي علمن وانگر سماجي علمن جي سماجي لقائن ۽ شين کي سمجھڻ ۽ تبديل ڪرڻ لاءِ حواسي مشاھدن، داخلي توڙي خارجي منطقن، شمارياتي پيمائشن ۽ تجزين وسيلي لاڳاپيل معروضي حقيقتن تائين رسائي حاصل ڪري سگھجي ٿي. اسان جي دنيا ۾ ٻيڙي کان آبدوز تائين، ڦيٿي کان بليٽ ٽرين تائين، قلم کان ٿري-ڊي پرنٽر تائين، ڪلڪيوٽر کان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تائين، ھوائي جھاز کان مريخ کي تسخير ڪندڙ خلائي شٽل تائين، پينسيلين کان حياتي بچائيندڙ دوائن ۽ بيمارين کان بچائڻ جي حفاظتي ٽڪن تائين سڀ ايجادون، دريافتون ۽ اخترائون سائنس ۽ پازيٽوزم جا ثمرات آھن!