حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سوشل ميڊيا تي منفي پروپئگنڊا ڪندڙ شخص خالد ولد محمد صالح خلاف قانوني ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو آهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته خالد ولد محمد صالح طرفان فيس بڪ تي من گهڙت پروپئگنڊا ڪري ڪميشن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل شخص 9 ڀيرا ڪميشن جي لاءِ اسڪروٽني ٽيسٽ ڏني جنهن ۾ فيل ٿيو ان ڪري هاڻي هو بليڪ ميلنگ واسطي منفي پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي. سندس پروپئگنڊا ۾ ڪا به صداقت نه آهي. ڄاڻايل شخص ڪميشن تي پريشر وجهڻ لاءِ اهڙي پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي. ڪميشن جي سيڪريٽري پاران ان پروپئگنڊا جي مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته آئيني اداري جي حيثيت رکندڙ ڪميشن جي انتظاميا ڄاڻايل شخص خلاف قانوني چارا جوئي جو حق محفوظ رکي ٿي.