ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)  بلوچستان جي بارکان واقعي جي متاثر  خان محمد پنهنجن گھر ڀاتين ۽ آل پاڪستان مري اتحاد جي چيئرمين مھرالدين مري سان گڏجي مطالبو ڪيو آهي ته سندس گھرڀاتين وارو ڪيس نئين سر داخل ڪري جاچ بارکان ضلعي مان ڪوھلو يا حب منتقل ڪئي وڃي، واقعي جي مک ذميوار صوبائي وزير  عبدالرحمان کتران کي سزا ڏني وڃي، ڪالهه هتي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن چيو ته  بارکان واقعي جي مک جوابدار عبدالرحمان کتران کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، هو ٽن ماڻهن جي خون ۾ ملوث هوندي پنهنجي شاهي محل ۾ زندگي پيو گذاري، جڏهن ته  اسين انصاف لاءِ دربدر آهيون، هن چيو ته عبدالرحمان کيتران 8 سالن تائين  منهنجن گھر ڀاتين کي قيد ڪري  جسماني ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻايو، منهنجن 2 پٽن ۽ بارکان جي مقامي ڇوڪري اميران بيبي کي قتل ڪري سندن جا لاش کوھه ۾ اڇلايا، منهنجي اڻپڙهيل زال گرناز جي نالي سان  ڪوڙو بيان لکيو ويو، هوڏانهن پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندي مري برادري جي اڳواڻن چيو ته بارکان واقعي تي نالي ماتر جي آءِ ٽي ٺاهي وارثن کي راضي ڪيو ويو، حڪومت پنهنجي وزير کي بچائڻ لاءِ ڪوڙيون انڪوائريون ٺاهي پيش ڪيون، هنن چيو ته عبدالرحمان کيتران کي ٻيهر گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي