سرحد (ن پ ا ) سرحد ٿاڻي ڀرسان موبائلن جي دڪان جي ڇت ٽوڙي 20موبائل ۽ 30 هزار روڪ رقم چوري ڪئي وئي هئي، پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مقصود شيخ سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري انهن وٽان چوري ٿيل موبائل ۽ روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي، پوليس موجب جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد ٻين چورين ۽ وارداتن بابت جاچ ڪيون پيا.