مسو ڀرڳڙي(ن پ ا) مسوڀرڳڙي لڳ پورهيت مزاحمت حيدرآباد يونٽ ناريجاڻي پاران پورهيت اڳواڻ ۽ فلسفي ڪامريڊ ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ عاصم آخوند جو گڏيل طور جنم ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ پورهيت مزاحمت اڳواڻ ڪامريڊ مسرور شاهه، ڪامريڊ نثار لغاري، ڪامريڊ چيتن ڪمار، مير اعجاز ڇلگري، امتياز ڇلگري، آزاد لغاري، ڊاڪٽر نريش، عرفان آدرش، دلبر ڇلگري، قربان عالماڻي، شاهد عالماڻي، راشد ڇلگري، حامد عالماڻي ۽ يوٿ اتحاد جي دوست امجد رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪامريڊ ساٿين ڪارل مارڪس جي فڪر ۽ ڪامريڊ عاصم آخوند جي سياسي بصيرت تي ڳالهه ٻول ڪندي مقررن چيو ته مارڪس جو فڪر پورهيت طبقي جي نجات جو رستو آھي ، ڪامريڊ عاصم آخوند سنڌ ۾ ڪارل مارڪس جي فڪر کي آدرش مئگزين ۽ پنهنجي ڪچھرين ليڪچرن وسيلي نوجوانن م عام ڪيو . هنن چيو ته هن وقت ڳوٺ ڳوٺ شھر شھر ۾ پورهيت طبقي جي فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آھي.