سرحد (ن پ ا) سرحد جي ڳوٺ سليمان پتافي مان چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺاڻي آفتاب جٽ کي گهوٽڪيءَ جي آندل سندراڻي ۽ سرحد پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ ۽ اغوا ۾ ملوث ڄاڻايل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، ڌاڙيلن پاران پاران مغويءَ جي بازيابي لاءِ ڏيڍ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪرڻ بعد 50 لک جي گھر ڪئي هئي، مغوي جي بازيابيءِ جو وارثن کي اطلاع، مغويءَ جي گهر ۾ خوشي جي لهر. خبرموجب چار ڏينهن اڳ سرحد ٿاڻي جي حد ڳوٺ سليمان پتافي مان اغوا ٿي ويل ڳوٺاڻي آفتاب جٽ کي گهوٽڪي جي آندل سندراڻي ۽ سرحد پوليس پاران مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ ۽ اغوا ۾ ملوث ٽن ڌاڙيلن کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ڌاڙيلن جي ڀنگ فون اچڻ بعد گهوٽڪي پوليس پاران گهوٽڪي جي ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي کي ٻئي هنڌ منتقل ڪندي مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي. هو ڏانهن پوليس اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته مغويءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڪيل آپريشن دوران ڏوهاري شهزادو عرف شدو مهر ۽ اڪبر پتافيءَ کي بازياب ڪرايو ويو آهي. ساڳئي وقت اهي به چوٻول آهن ته مغوي کي ڀنگ ڀري آزاد ڪرايو ويو آهي.