ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم جي ڪارروائي، پي ايچ ڊي جي شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندڙ جوابدار سميت 5 گرفتار، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائيبر ڪرائيم عمران رياض موجب مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران 5 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. جوابدار فهد پي ايڇ ڊي جي شاگردياڻي کي بليڪ ميل ڪندو هو، جوابدار شاگردياڻي جي وڊيو ٺاهي، بعد ۾ هن اها وڊيو اشرف حسين کي ڏني، اشرف وري اها وڊيو پروفيسر کي ڏيکاري. هن چيو ته گرفتار جوابدار نديم بينڪ ۾ پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ملازمه کي بليڪ ميل ڪندو هو. ٻن جوابدارن کي ٽنڊو آدم مان گرفتار ڪيو ويو.