ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مسجد اندر فائرنگ، آذان ڏيندڙ ڪي پي واسي پيش امام قتل، ايوب ڳوٺ جي احمد جمال پاڙي ۾ هٿياربندن زير تعمير مسجد ۾ فائرنگ ڪري 48 ورھين جي ويال بڍ پٽ عالم خان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتول کي 2 گوليون لڳيون، حملي وقت هو آزان ڏئي رهيو هو. پوليس موجب مقتول جو تعلق ڪي پي ڪي سان آهي، واردات واري جاءِ تان گولين جا 2 خول مليا آهن، مقتول ايف سي جو رٽائرڊ پيش امام ھو، سندس پٽ موجب ڪي پي ڪي ۾35 ورهين کان دشمني ھلي ٿي، ان دشمني تان سندس والد کي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن کي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.