ڄام صاحب (ن پ ا) ڄام صاحب ۾ سخي ڄام ڏاتار جي قديمي قبرستان ۾ برساتي پاڻي بيٺل ھئڻ ڪري سم وڌي وئي جنهن ڪري جنازو دفنائڻ مشڪل بڻجي ويو، ڪالهه شر برادري جا ماڻھو ميت دفنائڻ پهتا ته ٻن فوٽن تي سم جو پاڻي نڪري پيو، جنهن دوران ٻن قبرن بعد ٽئين قبر کوٽي ميت کي پلاسٽڪ ۾ ويڙھي دفنايو ويو، شر برادري جي ماڻھن قائم الدين، عاشق علي، نورالدين ۽ ٻين دانھيندي چيو ته برسات ختم ٿئي ڏيڍ مھينو گذري ويو آھي پر سخي ڄام ڏاتار جي قديمي قبرستان مان برساتي پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته قديمي قبرستان ۾ لڳل ٽيوب ھلائي سم جو پاڻي ختم ڪيو وڃي.