لاڙڪاڻو (بيورورپورٽ) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ جعلي ڀرتين جو انڪشاف، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال مختلف شعبن ۾ ڀرتي ڪيل 8 ڄڻن جي ڊيلي ويجز آرڊر  جعلي قرار ڏيندي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. ان ڏس ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر ضمير سومرو ليٽر جاري ڪندي ڊيلي ويجز تي جونيئر ڪلارڪ، نائب قاصد، ليبارٽري  اسسٽنٽ، هيلپر ڪارپينٽر جي پوسٽن تي ڀرتي ڪيل 8 ڄڻن جي ڀرتي وارن آرڊرن کي جعلي قرار ڏئي جعلسازي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جي سفارش ڪئي آهي. ان حوالي سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج تي پرنسپال جو چوڻ آهي ته ڪجهه شڪ ۽ خدشن جي بنياد تي جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ معلوم ٿيو ته اصل آرڊرن مان 8 ماڻهن جا نالا ختم ڪري جعلي نالا ڏئي آرڊرن کي پراڻين تاريخن ۾ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ يونيورسٽي جو عملو به شامل آهي جڏهن ته مڪمل انڪوائري ٿيڻ تائين سمورن نون ڊيلي ويجز جي بنياد تي ڏنل آرڊرن کي روڪيو ويو آهي. جعلي نوڪرين وارا آرڊر اڳوڻي وي سي پروفيسر انيلا عطاءُ الرحمان جي بطور وي سي 24 سيپٽمبر تي عهدو ڇڏڻ بعد جاري ڪيا ويا ۽ پراڻيون تاريخون وجهي ان جي دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر عبدالرئوف خاصخيلي ٻڌايو ته اصل ۽ مختلف آرڊرن مان هر آرڊر ۾ ڪجهه نالن جي جعلسازي ٿي آهي جنهن معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.