سجاول جوڻيجو (ن پ ا ) سجاول جوڻيجو لڳ سکر واھ، سجاول شاخ، عرضي شاخ ۽ سونھارو شاخ کي گهارا لڳڻ سبب هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ اچي ويو.  سونهارو شاخ کي آر ڊي 22 39 40 وٽان ٽي گھارا ڳوٺ سڌايو لھر، آصف کوسو، گهر لونگ بروهي سکر واھ کي غلام علي لغاري پراڻو ريل بند وٽان ٻه گهارا پئجي ويا،  عرضي شاخ کي ڳوٺ علي محمد سومرو وٽان گهارو ۽ سجاول شاخ کي لولائي واھ کان گهارو پئجي ويو

چيف انجنيئر ايريگيشن شفقت حسين وڌو جي سوين ايڪڙن تي بيٺل ساريالو فصل، اسڪول، اوطاق، گهرن اڳيان پاڻيءَ بيهجي ويو،  ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي ٻڌڻ لڳا.ڳوٺاڻن غلام نبي بروهي، آصف کوسو، منظور ڀٽي، اسرار جلباڻي، اختر وڌو، عبدالرسول بروهي، جمن ڀٽي چيو ته ايريگيشن انجنيئر ۽ ايس ڊي او کي دانهون ڏنيون ته شاخن جي کاٽي ڪري ڪمزور ڪپرن کي مضبوط ڪيو پر نالي ماتر ڪم ڪرايو ويو. نوٽيس وٺي ايريگيشن عملدارن کان پڇاڻو ڪري ڪمزور ڪپرن کي مضبوط ڪرائي اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج ڪيو ويندو.