ميرپور ٻرڙو(ن پ ا ) ميرپور ٻرڙو لڳ ڳوٺ مومن چنو وٽان جهانگي واھ کي 15 فوٽن جو گهارو لڳو، گهارو لڳڻ سبب  ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملي کي گهاري پوڻ جو اطلاع ڏنو،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪيو.