مٺي (رپورٽر) پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي گذريل ڏينهن ڳوٺ ويڙهيجپ پهچي ٿرڪول بلاڪ ون ۾ فوت ٿي ويل سيفٽي آفيسر هريش ڪمار جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ نوجوان انجنيئر جي پراسرار موت بابت وارثن کان تفصيلي معلومات ورتي. ان موقعي تي ڳالهائيندي نند لال مالهيءَ چيو ته هريش جو موت ٿرڪول بلاڪ ون ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنيءَ جي غيرذميواري ۽ لاپرواهي جو نتيجو آهي. هن مطالبو ڪيو ته هريش جي موت واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ذميوار ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪمپنين مقامي ماڻهن سان پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته اهڙين ڪمپنين خلاف ٿر ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو